سافڪو اين جي او، سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني ۽ سافڪو سپورٽ فائونڊيشن طرفان عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب منعقد ڪري عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيتن ۽ سافڪو جي عورت عملي کي مڃتا اويوارڊ ڏنا ويا، جڏهن ته سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته صنفي متڀيد ختم ڪرڻ لاءِ ڊگھي جدوجهد جي ضرورت آهي، لاءِ عورتن کي وڌيڪ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.حيدرآباد ڪلب ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو ادارن جي باني ۽ سي اي او سليمان جي ابڙو چيو ته عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ صنفي فرق ختم ڪرڻ جي حوالي سان اڄ اسين عورتن جي احساسن ۽ جذبن ترجماني ڪندڙ هي ڏينهن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. هن چيو ته صنفي برابري ڪو حدف نه پر بنيادي انساني حق آهي اڄ جو موقعو ان حوالي سان اسان جي اٽل ارادي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ جي هيءَ تقريب رڳو ڪاميابين جو جشن ملهائڻ لاءِ نه پر صنفي برابريءَ لاءِ جدوجهد جو پڪو پهه ڪرڻ لاءِ به آهي. اسان گڏجي سمورين رنڊڪن کي ٽوڙي سگھون ٿا ۽ اهڙو مستقبل جوڙي سگھون ٿا جنهن ۾ سموريون عورتون بااختيار ۽ باوقار هجن آخر ۾ هن انهي ڳالهه سان پنهنجي تقرير ختم ڪئي ته پنهنجي سمورن شعبن ۾ سربراهن جي حيثيت سان عورتن لاءِ هڪ روشن ۽ برابريءَ واري مستقبل جي راهه هموار ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. اچو مثبت تبديليءَ لاءِ هڪ اهڙي معاشري لاءِ گڏجي ڪم ڪريون، جنهن ۾ صنفي برابري رڳو هڪ خواب نه پر حقيقت هجي ناليواري قانوندان يوسف لغاريءَ چيو ته ملڪي توڙي بين الاقوامي قانون ۾ عورتن ۽ مردن جا حق برابر آهن، پر انهن تي عمل نٿو ٿئي، جيڪڏهن کين اظهار ۽ ووٽ جي آزادي سان انصاف سميت سمورا حق پاڻمرادو ملي ويندا. عورتن کي پنهنجي آزاديءَ لاءِ پاڻ جدوجهد ڪرڻي آهي، اسين سندن ساٿ ڏينداسين، ان لاءِ کين سڀ کان پهرين پنهنجو چارٽر تيار ڪرڻو پوندو ته هنن کي ڪهڙي ۽ ڪيتري آزادي ملي ته جيئن ڪير انهن جي مخالفت نه ڪري سگھي امر سنڌوءَ چيو ته خوف ۾ ورتل ماڻهو عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد کي مردن جي خلاف جدوجهد جو رنگ ڏئي رهيا آهن، جيڪو سراسر غلط آهي، جڏهن ته اسان صنفي برابري چاهيون ٿا عرفانه ملاح چيو ته صنفي برابري مردن جي ساٿ کان سواءِ حاصل نه ٿي سگھندي، هن جدوجهد ۾ مرد ۽ سافڪو جهڙا سماجي ادارا به اسان جو ساٿ ڏيندا، جتي ٽيهه ٽيهه سالن کان عورتون لڳاتار ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته اتي ماحول بهتر ۽ انصاف پسنديءَ وارو آهي. سافڪو جو وومن بينڪ برانچ کولڻ به انقلابي قدم آهي. پنهنجا ڪاروبار ڪندڙ عورتون اسان لاءِ رول ماڊل آهن ايس ايم سي ايل مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته عورت معاشي ۽ سماجي ترقي جو محور عورت هوندي ته پورو معاشرو ترقي ڪندو. ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر چيو ته پاڪستان اقوام متحده جي ’جٽادار ترقيءَ وارن 17 حفن جي حوالي سان پابند آهي، جن ۾ هڪڙو حدف عورتن کي پاڻڀرو ڪرڻ آهي پروفيسر ممتاز بانو چيو ته ٻهراڙي جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ پڙهيل لکيل عورتون وڌيڪ حراسان ۽ تشدد جو نشانو بڻجن ٿيون، جڏهن ته ٻهراڙي جي عورت وڌيڪ محنت ڪري ٿي، ان کي بنيادي حق به گھٽ ٿا ملن شهناز شيديءَ چيو ته هن به 1991ع ۾ پنهنجو سفر سافڪو جي پليٽ فارم تان شروع ڪيو هو، اڄ به سافڪو سان پنهنجائپ جو رشتو آهي مهيش ڪمار چيو ته عورتن کي وڌ کان وڌ ڪاروبار ۾ اچڻ گھرجي. شاهده تاج ابڙو چيو ته گھر توڙي ٻاهر عورتن سان ناانصافيون ٿين ٿيون، جن خلاف عورتن کي پاڻ منهن ڏيڻو پوندو پروفيسر غلام علي جاريڪي چيو ته قانون ۾ عورت جا حق لکيل آهن پر عمل نه ٿو ٿئي. هي تحرڪ تيز ڪرڻ سان تبديلي ايندي ناديه لاڙڪ چيو ته سافڪو اسان جي تربيت ڪري صلاحيت وڌائي، هڪ گھر جهڙو ماحول مليو. هيومن رائٽس جي پشپا ڪماري چيو ته غربت ۾ جڪڙيل معاشري جي عورتن کي مالي سهڪار ڪري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ سافڪو جو وڏو ڪم آهي، جتي مذهب، رنگ ۽ نسل توڙي صنف جو ڪو به متڀيد ناهي زرينه لغاري چيو ته سافڪو ۾ اسان جي گھڻي ذهني تربيت ٿي، اسان ڪافي ڪجهه سکيو تقريب کي زيب النساءِ ملاح، ڊاڪٽر شوڪت ابڙو، شبانه ملاح، بشير احمد ابڙو، غفرانه، ريشما، فرح ڪاشف ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي يوسف لغاري، شهناز شيدي کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، جڏهن ته علينا ماريه، شبانه ملاح، ارسلا انجم، ڪشف ناز ڀٽي، ناديه لاڙڪ، ارم ماريه، فرح ناز، فرزانه سومرو کي روڪ رقم، تعريفي سند ۽ شيلڊ ايوارڊ ڏنا ويا. ان کانسواءِ بيلا ڀاٽيا، مهڪ پنهور، حفصه شيخ، خالده بلوچ، خديجه ٽالپر، اقرا شعيب، پارس جروار، امه حبيبه، شيرينا ميتلو، غلام زهره، ثمينه بلوچ، سعديه ٽالپر کي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊ ايوارڊ ڏنا ويا اهڙي طرح ٻهراڙي ۾ سافڪو جي مدد سان پنهنجا ڪاروبار ڪري خاندانن جي ڪفالت ڪندڙ عورتن گل بيبي، صنم ناز ۽ ٻين کي پڻ ايوارڊ ڏنا ويا. آخر ۾ سافڪو جي باني ۽ سرواڻ سليمان جي ابڙو سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان کي اميد آهي ته هن حوصلا افزائيءَ سان اسان سماج ۾ بهتريءَ لاءِ اڳڀرائي ٿيندي.