حڪومتي قدمن سان معيشت ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي: عطاءُالله تارڙ

وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته حڪومتي ڪوششن سان معيشت ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ناڻي جي مٽاسٽا ۾ اضافو ٿيو آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪوبه ڪم نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته رياست سان رياست جا معاملا پرڏيهي پاليسي جو حصو هوندا آهن. ملڪ ۾ سرمائيڪاري ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوبه سياسي اڳواڻ يا سياسي پارٽي پاڪستان کان وڌيڪ نه آهي، ڪشمير ۽ فلسطين جو مسئلو سياست کان مٿانهون هجڻ گهرجي. فلسطين بابت زيڪ گولڊ اسمٿ جي بيان جي اڄ تائين مذمت نه ڪئي وئي آهي. معاشري ۾ ورهاست ۽ نفرتون پيدا ڪرڻ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبو هو، اسان جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته قوم کي گڏ ڪيو وڃي. هن يوم اقبال تي پيغام ڏنو ته پوري مسلمان  امت کي اقبال جي خودي جي پيغام تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. علامه اقبال جي فلسطي ۽ شاعري کي وچ اوڀر ۾ به پڙهايو ويندو آهي. علامه اقبال  پنهنجي شاعري جي ذريعي برصغير جي مسلمانن کي گڏ ڪيو. علامه اقبال جي پيغام مسلمانن ۾ آزادي جو جذبو بيدار ڪيو. ڪوئٽه ڌماڪي جي مذمت ڪندي هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ هر قدم کڻنداسين دهشتگردي ۾ ملوث ڪيترن ئي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارا چاهين ٿا ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو ۽ ترقي جي رستي تي پهچايو. هن چيو ته اڄ علامه اقبال جي فڪر تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.