حڪومت آمريڪي عدالت ۾ عافيه صديقي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 وفاقي حڪومت آمريڪي عدالت ۾ عافيه صديقي ڪيس ۾ عدالتي مدد ڪرڻ ۽ ڌر بنجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز ڊاڪٽر عافيه صديقي جي صحت ۽ ملڪ واپسي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل عمران شفيق، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻيون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت آمريڪا ۾ هن ڪيس ۾ ڌر نه بنجڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي جسٽس سردار اعجاز سوال ڪيو ته ڪهڙي سبب  جي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو آهي؟ انهي جا سبب ڪهڙا آهن؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته حڪومت طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. جسٽس سردار اعجاز چيو ته حڪومت يا اٽارني جنرل ڪوبه فيصلو ڪري ته انهي جا به سبب هوندا آهن، بنا سبب جي ڪوبه  فيصلو نه ڪيو ويندو آهي، هي آئيني عدالت آهي ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪابه عدالت اچي چئي فيصلو هي ڪيو آهي پر انهي جا سبب نه ٻڌائي. جنهن کان پوءِ عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته 4 جولاءِ جي ٻڌڻي تي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي.