حڪومت استعيفائون ڏيندڙ ججز جي خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي رپورٽ موجب حڪومت رٽائرڊ يا استعيفائون ڏيندڙ ججز جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ڪارروائي روڪڻ تي سپريم ڪورٽ جي عافيه شهربانو ڪيس جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي وفاقي حڪومت اپيل ۾ جوڊيشل ڪونسل ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سميت ٻين کي ڌر بنايو آهي ۽ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ اصول طئي ڪري ته ڪنهن جج جي استعيفيٰ ڏيڻ جي باوجود ڪونسل ڪارروائي جاري رکي سگهي ٿي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي جج اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 2 رڪني بينچ عافيه شهربانو ضيا ڪيس جو فيصلو ڏنو هو جنهن ۾ قرار ڏنو ويو هو ته ڪوبه جج استعيفيٰ ڏئي يا رٽائرڊ ٿي وڃي ته ڪونسل ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. 27 جون 2023ع جي اهڙي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.