حڪومت ايل پي جي جو اگهه وري وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت ايل پي جي جو اگهه وري وڌائي ڇڏيو.آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب پهرين مارچ کانپوءِ ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 136 رپيا 44 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي.ايل پي جي جي 11.8 ڪلو جي گهريلو سئلينڊر جي نئين قيمت 3277 رپيا 73 پئسا مقرر ڪئي وئيهي.پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته في ڪلو ايل پي جي 11 رپيا 56 پئسا مهانگي ٿي آهي ۽ نئين قيمت 277 رپيا 77 پئسا في ڪلو آهي.