راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت ايمرجنسي لڳائڻ جا بهانا ڳولي رهي آهي. هي هاڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي به غلط طريقي سان پيش ڪري رهيا آهن.راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن هي جهيڙو شروع نه ٿئي ها ته مان سياست کي خدا حافظ چئي ڇڏيان ها. حڪومت ايمرجنسي لڳائڻ جا بهانا ڳولي رهي آهي هي هاڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي به غلط طريقي سان پيش ڪري رهيا آهن، هنن کان پڇيو وڃي ته هي آخر چاهين ڇا ٿا؟شيخ رشيد چيو ته بلاول ۽ آصف زرداري چونڊن جي لاءِ تيار آهن ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ گهرجن ، هنن کي چونڊن ۾ سياسي طور تي ايتري مار ملندي جو کين منهن لڪائڻ لاءِ به جڳهه نه ملندي هنن جي هاڻ ڪوبه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته هنن کي آڻيندڙ به هاڻ پڇتائيندا قوم هنن کان سياسي طور تي انتقام وٺندي. عمران خان جي ڪالهوڪي تقرير سان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان ۽ تعريف به ڪريان ٿو. اڄڪلهه جي دور جو اڳواڻ عمران خان ئي آهي، سڀاڻي جي الله کي خبر آهي.هن وڌيڪ چيو ته جيل منهنجي ساهورن جو گهر آهي، ساهورن جو رويو صحيح نه هو ان ڪري مان خلع وٺڻ وارو آهيان.