حڪومت اڪثريت وڃائي ويٺي، پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي ويندي

مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ملڻ کانپوءِ حڪمران اتحاد ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان محروم ٿي ويو ۽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبليءَ ۾ سنگل لارجسٽ پارٽي ٺهڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 84 آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 8 آزاد اميدوار به قومي اسيمبلي ۾ موجود آهن جنهن بعد پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوارن جو مجموعي انگ 92 آهي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عورتن جون ويهه جڏهن ت چار اقليتي سيٽون پي ٽي آءِ کي ملنديون جنهن بعد قومي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 116 ٿي ويندو. مسلم ليگ ن مجموعي طور تي 108 سيٽن سان ٻئي جڏهن ته پيپلز پارٽي 68 سيٽن سان قومي اسيمبلي ۾ ٽئي وڏي پارٽي طور موجود آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان 21، جَي يو آءِ ( ف ) 8، ق ليگ 5، استحڪام پارٽي 4 جڏهن ته مسلم ليگ ضياءَ، بلوچستان نيشنل پارٽي، نيشنل پارٽي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ ايم ڊبليو ايم جو هڪ، هڪ ميمبر قومي اسيمبليءَ ۾ موجود آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو سڌي ريت مرڪز سان گڏ صوبن تي به پوندو جتي پي ٽي آءِ کي پنجاب اسيمبليءَ ۾ عورتن جون 24 جڏهن ته اقليتن جون 3 سيٽون ملنديون. سنڌ اسيمبليءَ ۾ عورتن جون ٻه ۽ اقليتن جي هڪ جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي ۾ عورتن جون 21 ۽ 4 اقليتي سيٽون ملنديون.