وفاقي سرڪار :بجلي 7 روپيه 50 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي آهي وفاقي سرڪار طرفان بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 3 کان 7 روپيه 50 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي ڪابينه سرڪوليشن ذريعي بجلي مهانگي ڪرڻ واري سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ذريعن موجب وفاقي حڪومت بنيادي قيمت ۾ واڌ جي درخواست نيپرا ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي نيپرا هاڻ وفاقي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ڏيندو جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي قيمتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي 100 يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين جي لاءِ بجلي 3 روپيه في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي 101 کان 200 يونٽ وارن صارفين جي لاءِ بجلي 5 روپيه مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي