اسلام آباد : حڪومت تيل ۽ گيهه جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري ڇڏي.وفاقي حڪومت سڄي ملڪ جي يوٽيليٽي اسٽورن تي مختلف برانڊن جو گيهه ۽ تيل سستو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب يوٽيليٽي اسٽورن تي في ليٽر ڪوڪنگ آئل 93 رپين تائين سستو ڪيو ويو آهي، ڪڏهن ته في ڪلو گيهه جي قيمت ۾ 68 رپين تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي.پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوان اگهه اڄ کان ئي لاڳو ٿيندا.