حڪومت تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪنهن جو به دٻاءُ نه آهي: خواجه آصف

دفاع واري وزير ۽ (ن) ليگ جي سينئر اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته ڳالهين جي حوالي سان ڳالهين واري ڪميٽي تي ڪنهن جو به دٻاءُ نه آهي. جڏهن ته ڳالهين تي هن وقت تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي. دفاع واري وزير ۽(ن) ليگ جي سينئر اڳواڻ خواجه آصف پروگرام سينٽر اسٽيج ۾ ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته ڳالهين تي انهي وقت تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، هڪ هفتي جو ٽائيم ڏنو ويو آهي، انهي کان پوءِ ڪا اڳڀرائي ٿي سگهندي، في الحال ته ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي. هن چيو ته ڳالهين جو عمل هينئر تائين محدود آهي، پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومت تي  ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه آهي، سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ   رستو ڳولڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. ڇڪتاڻ آهستي آهستي گهٽ ٿي رهي آهي. معيشت بهتر ٿي رهي آهي. ماڻهو پراميد آهن. اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي. ڇڪتاڻ جي صورتحال سڀني کان پهريان معيشت تي اثر انداز ٿيندي آهي. معاشري اشارا بهتر آهن. پاڪستان ۾ سرمائيڪاري وڌي رهي آهي. دفاع واري وزير خواجه آصف اهو به چيو ته پي ٽي آءِ باني جي نٿيا گلي منتقلي جي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه آهي. مون کي ڪنهن به قسم جي آڇ جي خبر نه آهي، اهي ڳالهيون مارڪيٽنگ ٽيڪنڪ آهي ٻيو ڪجهه نه آهي. هن چيو ته ادارن ۾ تعاون وڌڻ شروع ٿي ويو آهي. جنهن ۾ عدليه ۽ ٻيا ادارا شامل به آهن. سمورن ادارن جو هڪ ٻئي سان تعاون ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي.