حڪومت جو سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو، آءِ ايم ايف جي تجويز رد

International Monetary Fund سان جاري بجيٽ ڳالهين دوران حڪومت سيلز ٽيڪس ۾ واڌ جي تجويز رد ڪندي شرح کي 18 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.حڪومتي ذريعن موجب وزيراعظم سيلز ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ واري تجويز قبول نه ڪئي. البت پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ ممڪن گهٽتائي تي پڻ مشاورت ٿي رهي آهي.ذريعن موجب مالي سال 2026-27 جي بجيٽ جو مجموعي حجم لڳ ڀڳ 18 هزار ارب رپيا هوندو، جڏهن ته ٽيڪس وصولين جو هدف 15 هزار 264 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.ان کان علاوه حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان 1727 ارب رپيا وصول ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي، جيڪا ايندڙ مالي سال جي آمدني جو اهم حصو هوندي.