حڪومت جو ملڪ تي ڪنٽرول ختم ٿي ويو، معيشت جا سمورا بريڪ فيل ٿي ويا آهن: سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڪالهه عوام ۽ واپاري برادري طرفان پرامن هڙتال ڪرڻ تي سندن ٿورو ادا ڪيو آهي منصوره لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته ڪالهه عوام ۽ واپاري برادري پرامن هڙتال ڪئي. مان عوام، واپاري برادري، وڪيلن، عالمن ۽ ٽرانسپورٽرز جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته هڙتال حڪومت کي پيغام ڏنو آهي ته عوام اڳوڻي حڪومتن جي معاهدي کي نٿو مڃي. اشرافيه اهڙن معاهدن جو فائدو کنيو، عوام کي نقصان ٿيو، قوم کي انهن مصنوعي معاهدن ذريعي اونداهي طرف ڌڪيو ويو آهي سراج الحق وڌيڪ چيو ته خبرون اچي رهيون آهن ته حڪومت 90 روپيه في يونٽ بجلي ڪرڻ چاهي ٿي. افسوس آهي ته نگران وزيراعظم بجلي جي بلن ۾ اضافي ۽ مهانگائي کي نان اشو قرار ڏنو. حڪومت عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهي آهي جماعت اسلامي جي امير چيو ته مهانگي بجلي خريد ڪرڻ حڪومت جو ڏوهه آهي، عوام ڇو ڀوڳي رهي آهي. حڪومت جو ملڪ تي ڪنٽرول ختم ٿي ويو، معيشت جا سمورا بريڪ فيل ٿي ويا، اسان ڪنهن کي به ماڻهن جا ميٽر لاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسان کي خبر آهي ته ميٽر ريڊر ڪنهن به وڏي ماڻهو جي دروازي تي نه ويندا سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي ملڪ جي غريبن جو دفاع ڪندي جنهن جو به ميٽر لاٿو وڃي اهو اسان کي ٻڌائي. حڪومت بلن ذريعي ڦرمار ڪري رهي آهي. هن چيو ته بجلي ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ فوري طور تي گهٽتائي ڪئي وڃي.