اسلام آباد : حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي ي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ پيٽرول 17 روپيه 50 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 20 روپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن پيٽرول جي نئين قيمت 290 روپيه 45 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 293 روپيه 40 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول تي 55 روپيه في ليٽر جڏهن ته ڊيزل تي 50 روپيه في ليٽر ليوي برقرار رکي وئي آهي.