اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي موجوده حڪومت تي نيب کي مضبوط ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هي حڪومت واعدو ڪري آئي ته نيب کي ختم ڪندي پر هنن آرڊيننس آڻي ان کي مضبوط ڪيو هن چيو ته انصاف جو نظام اوهان جي سامهون آهي، 5 سالن کان ڪيس هلي رهيو آهي، هن ڪيس ۾ مڻن جي حساب سان ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. هاڻ خبر پئي ته هڪ ماڻهو جو ڪيس 2011 کان هلي رهيو آهي. سياست هلائڻ جي لاءِ نيب جو ادارو ٺاهيو ويو هو، نيب اڄ به سياست ئي هلائي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ڪيس اسان نه عمران خان ٺهرائيندو هو، عمران خان جا ساٿي چوندا هئا جنرل باجوه ڪيس ٺهرائيندو هو، ملڪ ترقي انهي لاءِ نٿو ڪري ڇو ته ڪوبه سرڪاري آفيسر فيصلو نٿو ڪري سگهي.