پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته حڪومت نٿي چاهي ته ڳالهيون ٿين ۽ انهي جو ڪو حل نڪري. اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اسان پنهنجا مطالبا حڪومت جي سامهون رکيا، حڪومت ڳالهين ۾ دير ڪئي، حڪومت ڳالهين لاءِ سنجيده هجي ها ته جواب ڏئي ها، حڪومت اهو چيو هو ته 28 جنوري تي ڪميٽي روم ۾ جواب ڏينداسين. هن چيو ته اسان جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو چيو هو پر حڪومت ڪوبه جواب نه ڏنو، حڪومت نٿي چاهي ته ڳالهيون ٿين ۽ انهي جو حل نڪري، اسان جي مٿان هر قسم جون سختيون ڪيون ويون انهي جي باوجود پي ٽي آءِ باني ڳالهين لاءِ اڳڀرائي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به ملاقات نه ٿي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ زرتاج گل چيو آهي ته ڳالهيون پي ٽي آءِ جي ڪمزوري ناهي، 17 سيٽن وارن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪنداسين. هن چيو ته صاحبزاده حامد رضا جي گهر تي حملو ڪري ڳالهين واري ڪميٽي تي حملو ڪيو ويو، 8 فيبروري جو ڏينهن ٻيهر اچڻ وارو آهي، 8 فيبروري تي سموري پاڪستان 9 مئي جي بيانئي کي رد ڪري ڇڏيو هو. اسان کي 8 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ملهائڻو آهي.