حڪومت ٺاهڻ لاءِ جوڙ توڙ جو سلسلو جاري: (ن) ليگ پ پ ۽ ٻيا اتحادي ويجهو اچڻ لڳا

وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي ۽ ٻيا اتحادي ٻيهر ويجهو اچڻ شروع ٿي ويا آهن حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ چوڌري شجاعت اڄ اسلام آباد ۾ نوازشريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو ٻئي طرف اهم فيصلن جي منظوري لاءِ پيپلز پارٽي جو سي اي سي جو اجلاس به اڄ طلب ڪيو ويو آهي جنهن دوران پاور شيئرنگ فارمولي تي ڀروسي ۾ ورتو ويندو (ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي سياسي تعاون تي متفق ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن ملاقات ۾ پ پ ۽ (ن) ليگ جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته عوام جي اڪثريت مينڊيٽ ڏنو آهي. عوام کي مايوس نه ڪنداسين. سياسي عدم استحڪام کان ملڪ کي بچائينداسين ياد رهي ته ايم ڪيو ايم جي وفد آچر جي صبح رائيونڊ ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪئي هئي. پر ملاقات ۾ ملي حڪومت ٺاهڻ تي في الحال فيصلو نه ٿي سگهيو هو.