جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته خراب حالتن جو سڀ اعتراف ڪري رهيا آهن. ذميواري ڪوبه قبول نه پيو ڪري سراج الحق لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خبر ڏٺي آهي ته وفاقي حڪومت پيٽرول في ليٽر 8 روپيه سستو ڪري ڇڏيو آهي ان سان گڏ ئي اها خبر پڙهي ته گيس جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي هن چيو ته ملڪ جي عوام جي چهرن تي خوشيون غائب آهن، هر طرف خوف ۽ بي يقيني واري صورتحال آهي. چئني طرف تباهي ۽ بربادي آهي. صدر ۽ وزيراعظم کان وٺي پوليس تائين سڀ خراب حالتن جو اعتراف ڪري رهيا آهن. ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار نه آهي سراج الحق وڌيڪ چيو ته افغان ڪرنسي پاڪستان کان 3 ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي. بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، سريلنڪا، انڊيا سمورا ملڪ ترقي يافته آهن. ڇا اسان جي معيشت صحيح ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.؟