) پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان اهو مڃي ورتو آهي ته موجوده حڪومت ڊيفالٽ جو شڪار ٿيل معيشت کي سنڀالي ورتو آهي. اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ پيشي جي دوران عمران خان صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا. پي ٽي آءِ کان صحافين پڇيو ته ڇا اوهان اهو مڃو ته ٿا حڪومت معيشت کي استحڪام ڏنو آهي؟ عمران خان صحافي جي سوال تي اهو مڃيو ته حڪومت ڊيفالٽ ٿيل معيشت کي سنڀالي ورتو آهي. پي ٽي آءِ باني چيئرمين چيو ته معيشت مستحڪم ٿيڻ سان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي وئي آهي پر ملڪ ۾ ترقي نه ٿي سگهي آهي. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي جا ميمبر عمران خان سان ملاقات جي لاءِ اڊيالا جيل پهچي ويا آهن. عمران خان سان ملاقات جي لاءِ اڊيالا جيل پهچندڙن ۾ علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا ۽ راجه ناصر عباس شامل آهن.