حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور اڄ شروع ٿيندو. اجلاس ڏينهن جو ساڍي ٻارهين وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق ڪندو اجلاس ۾ پي ٽي آءِ لکت ۾ پنهنجا مطالبا پيش ڪندي. پي ٽي آءِ ڪميٽي جي ذريعن موجب اجلاس جي حوالي سان باني پي ٽي آءِ کان مڪمل هدايتون ورتيون ويون آهن. اهڙين هدايتن جي روشني ۾ پنهنجن مطالبن کي لکت جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي طرف حڪومتي ڪميٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي مطالبا سامهون اچڻ کان پوءِ اسان به پنهنجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺنداسين. انهي کان اڳ(ن) ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله اڄ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ کي صبر سان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ڪهڙن ماڻهن کي سياسي قيدي سمجهن ٿا؟ جوڊيشل ڪميشن جا ٽي او آرز ۽ اختيار ڪهڙا هوندا؟ جوڊيشل ڪميشن رپورٽ ڪيتري دير ۾ پيش ڪندي؟ اهميت ته انهن شين جي آهي جنهن تي اڃان تائين ڳالهيون نه ڪيون ويون آهن. راڻا ثناءُالله چيو ته اهڙين شين ۾ وقت لڳي سگهي ٿو. اميد آهي ته پي ٽي آءِ قيدين جي فهرست ۽ جوڊيشل ڪميشن بابت پنهنجون شرطون ٻڌائيندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي لکت ۾ مطالبن تي پارٽي ۽ اتحادين سان مشاورت کان پوءِ جواب ڏينداسين.