ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪئي وئي تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جڊيشل مئجسٽريٽ ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت ايمان مزاري جي 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي عدالت علي وزير کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايمان مزاري ۽ علي وزير جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بغاوت ۽ دهشتگردي جي الزامن تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پراسيڪيوٽر ايمان مزاري ۽ علي وزير جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي عدالت ٻنهي ڄڻن کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. جڏهن ته جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته منهنجي ڌيءَ کي سج ۾ ويهاريو ويو، جڏهن هو پوليس اسٽيشن پهتي ته هوءَ بيهوش ٿي وئي هن ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ کي صحت جو مسئلو آهي، جنهن تي هن کيس کائڻ کان منع ڪئي شيرين مزاري اپيل ڪندي چيو ته عدالتون انساني حقن جو تحفظ ڪن، منهنجي ڌيءَ جي جان کي خطرو آهي. واضح رهي ته اسلام آباد پوليس اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي گرفتار ڪيو هو.