خانه بدوش ھفتيوار ادبي ويھڪ ۾ ڊاڪٽر حسين مسرت جي تحقيقي مقالن تي مشتمل ڪتاب تي اڀياسي ويھڪ ٿي گذري

 خانه بدوش ھفتيوار ادبي ويھڪ ۾ ڊاڪٽر حسين مسرت جي تحقيقي مقالن  تي مشتمل ڪتاب جان ڪتين تان ڪت تي اڀياسي ويھڪ تي گذري جنھن ۾ ڪتاب جي مصنفہ داڪٽر حسين مسرت سميت شبنم گل، ڊاڪٽر ريحانه نذير، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جن ڪتاب متعلق پنھنجا خيال پيش ڪيا. گڏوگڏ نصير مرزا، فداحسين شاہ، گلبدن جاويد مرزا، غلام نبي سومرو ء تولارام سوٽهڙ پڻ پروگرام، منصفہ ۽  ڪتاب جي حوالي سان  پنھنجا ويچار ونڊيا. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو  ڪتاب بابت ڳالھائيندي چيو تہ هِن ڪتاب ”جان ڪَتين تان ڪَتُ“ ۾ آيل مختلف النوع موضوعن موجب، ڊاڪٽر حسين مسرت ڪتابن ۽ انهن منجهان حوالن جي چونڊ ۾ ڪامياب وئي آهي. سندس چونڊ ترقي پسند ۽ سڄاڻ ليکڪن جي ڪتابن ۽ مضمونن تي مشتمل آهيانهن مقالن ۽ انهن جي موضوعن جي اِجمالي جائزي منجهان پڌرو ٿئي ٿو، ته ڊاڪٽر حسين مسرت جا چونڊيل موضوع اهميت ۽ سماجي اڀياس وارا آهن، جن کي هُن سٺيءَ طرح ۽ محنت سان نڀايو آهي. اهي موضوع سماجَ ۽ ان جي روين ۽ مزاجن جا ڪيترائي نوان رخ پڌرا ڪن ٿا، ۽ وڌيڪ تحقيق تي آماده ڪن ٿا. تحقيق، صحيح معنى ۾، ڪو سھنجو ڪم نه آهي، جو ان کي اَڪ جي ماکي لاهڻ چئجي، پر اهو حقيقي معنى ۾ اهنجو ۽ ذميواريءَ جو ڪم آهي، جنھن کي ڊاڪٽر حسين مسرت سٺيءَ طرح نڀائڻ ۾ گهڻي قدر ڪامياب وئي آهي. ڊاڪٽر ريحانه نظير ڪتاب ۾ موجود مقالن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي انھن جو جائزو پيش ڪيو . ڪتاب ۾ شامل چونڊ سنڌي ناولن ۾ عورت جي ڪردار واري مقالي جو خصوصي ذڪر ڪندي ڊاڪٽر ريحانه  چيو تہ   مضمون جي عنوان جي حوالي سان ڊاڪٽر حسين مسرت جي پي ايچ ڊي جي سڄي ٿيسز آھي جنھن ۾ ليکڪه عورت جي خود مختاري جي تصور ھيٺ ورھاڱي کانپوء جي چونڊ ناولن جو جائزو ورتو آھي جن ۾ زينت، موھني ٻائي، اتحاد، گومتي، وڌوا ۽ موھن ڪلپنا جي ناول م شامل ڪردارن جو جائزو پيش ڪيو آھي. سندس تحقيقي موجودنا ۾ شامل عورتن جا ڪردار روايتي آھن ء گھڻي ڀاڱي زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر اچن ٿا  ڪنھن ھڪ بہ ناول ۾ عورت پنھنجي حقن لاء بغاوت ڪندي نظر نٿي اچي باقي ڪجھه عورتن جا ڪردار پنھنجي اندر ۾ مزاحمت جي دونھين دکائيندا پيا نظر اچن. ڊاڪٽر ريحانه وڌيڪ چيو تہ ڪتاب جو ھر مضمون ڊاڪٽر حسين مسرت جي وسيع مشاھدي، اڻ ٿڪ محنت، ء علم و ادب سان سندس چاهه جي شاھدي ڏئي ٿو . شبنم گل چيو ته ڊاڪٽر حسين مسرت جي مقالن ۾ ٻولي  تمام سٺي استعمال ٿيل آھي تحقيقي معيار مطابق آھي.جملن ۾ رواني اٿس، ڪٿي بہ ڏکي ٻولي استعمال نہ ڪئي ويئي آھي، شبنم گل ان  نقطي ڏانھن ڌيان ڏياريو   تہ تحقيقي موضوع گھڻا تڻا عورتن جي حوالي سان آھن جڏھن تہ ادب  ۽ تحقيق ۾ اھا تفريق نہ ھجڻ گھرجي مجموعي طور تي ڪتاب ۾  ڏٺا تحقيقي مقالا شامل آھن ڊاڪٽر حسين مسرت پنھنجي باري ۾ ۽ ڪتاب متعلق گالھائيندي چيو تہ کيس سندي ادب جي تاريخ پڙھندي احساس ٿيو  تہ اھا اڻپوري آھي ان ڪري کيس درستگي ڪرڻ کپي. ھن وڌيڪ چيو تہ پنھنجا شروعاتي مضمون ڏسي ھاڻ کيس محسوس ٿو ٿئي تہ انھن کي به ٻيھر لکي جو انھن ۾ پڻ گھڻن شين جي گنجائش محسوس ٿئي ٿي. امر سنڌو سندس ڪتاب جي باري ۾ راءِ ڏيندي چيو تہ ان ڪتاب جي ڇپائي کان پوء حسين محقق ليکڪ جي حيثيت ۾ سنڌي ادب ۾ پنھنجو نالو شامل ڪري ڇڏيو آھي. مقررين کانپوء نصير مرزا امرجليل جي حوالي سان شامل مقالي  امر جليل جي سنڌو تي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي، سندس چوڻ مطابق سنڌو جو ڪردار علامتي نه پر حقيقي ڪردار آھي جنھن کي امرجليل پنھنجي تخليق سان لازوال بنائي ڇڏيو آھي. پروگرام جي آخر  ۾ سيد فدا حسين شاهہ، گلبدن جاويد مرزا ۽ تولا رام سوٽھڙ پڻ پنھنجا خيال پيش ڪيا . حاضرين مان نجمه پنھور ليکڪا کي ڪتاب جي خوشي ۾ اجرڪ جي چني پڻ اوڍائي. پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن ۾ ڊاڪٽر قمرزمان راڄپر، تاج جويو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، ڊاڪٽر فياض لطيف، ذڪيه اعجاز، نيلوفر ڀٽو، بينظير جتوئي، ڊاڪٽر رضوانہ انصاري، ادريس جتوئي، روزيه جوڻيجو، گل سنڌي، دھشيلا، روبينه قريشي، غفرانہ،  عماد فدائي، محمد خان ڪٽپر، انور سولنگي، راجيش ڪمار، غلام شبير شورو، ستيڏان سنگھہ، آسن داس،ونود ڪمار  ڏونگراڻي، آھي داس، کيتارام، فرمان  علي خاصخيلي، محمد خان ڪٽپر، امام علي ڀلائي، شاڪر عزيز سيتائي، پروفيسر عبدالرحمان سيال، طارق آڪاش، منيش رڻملاڻي، ايم بچل ڪلھوڙو، ذوالفقار علي ھالار، محمد علي چنا، عبدالله سيٺار، پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي، خليل الرحمان، تسليم احمد ابڙو، سجاد علي، ارشاد علي جوکيو، منظور ڪنڀار، شاھد علي جٽ، محمد عثمان جوڻيجو قبولائي،  تولا رام سوٽھڙ، ذولفقار علي ھالار  جن شرڪت ڪئي.