خاڻوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جو انڊس ھاء وي تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

خاڻوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جو انڊس ھاء وي تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ منظورآباد ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن خاڻوٺ، زيمي ڀورو رند، فقيرداد کوسو ۽ علي آباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي جي سڏ تي ڪارڪنن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس ھاء وي تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو. ايس يو پي مرڪزي نائب صدر منير حيدر شاھ، ليڊيز فرنٽ ياسمين ٿيٻو ۽ ڄامشورو جي صدر خدابخش ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاء وي تي ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن سميت ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن جي شرڪت، انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاهرين چيو ته چونڊيل نمائندن جي نااھلي سبب گذريل 20 سالن کان منظورآباد، خاڻوٺ، زيمي علي آباد، ڀورو رند ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آهي اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.