خضدار: قبائلي اڳواڻ ساٿين سميت قاتلانه حملي ۾ جانبحق ٿي ويا.

تفصيلن موجب، خضدار ۾ قبائلي اڳواڻ مير مہر اللہ محمد حسني جي قافلي تي مسلح ماڻهن فائرنگ ڪئي، پوليس مطابق فائرنگ جو تبادلو ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ مير مہر اللہ محمد حسني سميت چار افراد جانبحق ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مير مہر اللہ محمد حسني جو قافلو ڪراچي وڃي رهيو هو، جتي ڪريڙو جي هنڌ تي حملو ڪيو ويو. پوليس مطابق، واقعي جي تحقيقات جاري آهي ۽ ملزمان جي تلاش ۾ ڇاپا ماريا پيا وڃن. ياد رهي ته آگسٽ ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن جهڙوڪ موسيٰ خيل، قلات ۽ بالاناڙي ۾ دهشتگردي جا واقعا پيش آيا، جن ۾ قبائلي اڳواڻن، پوليس ۽ ليڊيز اهلڪارن سميت 31 ڄڻا جانبحق ٿي ويا هئا. قلات جي علائقي مهلبِي ۾ مسلح افراد هڪ هوٽل تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ قبائلي اڳواڻ ملڪ زبر خان محمد حسني سميت ٽن ماڻهن جان جي بازي هارائي هئي.