خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي گورنر جي منهنجي حڪومت ڪيرائڻ جي حيثيت نه آهي. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته ڪي پي ڪي جو گورنر ڪونسلر جي سيٽ به کٽي نٿو سگهي. سوات واقعي جي انڪوائري هلي رهي آهي، جتي به جنهن جي ڪوتاهي ڏٺي وئي انهي جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين. ياد رهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان افواهون هلي رهيون آهن پر مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ڪوبه اهڙو طريقو استعمال نه ڪنداسين جنهن سان خيبرپختونخواهه جي حڪومت بحران ۾ هلي وڃي.