اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان جي لاڏاڻي کان پوءِ صوبائي ڪابينه پاڻمرادو ٽٽي وئي آهي 21 جنوري 2023 تي خيبرپختونخواهه جي بطور نگران وزير وڏي جي حيثيت سان حلف کڻندڙ اعظم خان کي گذريل ڏينهن طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو ته نگران ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي لاڏاڻي کان پوءِ صوبائي ڪابينه پاڻمرادو ٽٽي چڪي آهي ڇو ته ڪابينه وڏي وزير سان جڙيل هوندي آهي. جيڪڏهن وڏو وزير ڪنهن سبب جي ڪري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي يا برطرف ٿي وڃي ته ڪابينه پاڻمرادو ٽٽي ويندي آهي.