خيبر پختونخوا ۾ گليشيل ڍنڍون ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ جو خطرو، پي ڊي ايم اي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

پشاور: پراونشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) خيبر پختونخوا ۾ گليشيل ڍنڍون ڦاٽڻ (گلوف) ۽ وڏي ٻوڏ جي خطري بابت هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اداري سياحن ۽ مسافرن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.پي ڊي ايم اي موجب چترال، دير، سوات، ڪوهستان ۽ مانسهره ضلعن ۾ گليشيل ڍنڍون ڦاٽڻ، فليش فلڊز ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا خطرا وڌي ويا آهن. سخت گرمي سبب گليشيئر ۽ برف تيزي سان ڳري رهيا آهن، جڏهن ته 4 جون جي شام کان مٿانهين علائقن ۾ برساتن جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته برساتن ۽ برف ڳرڻ سبب ندين، نالن ۽ دريائن ۾ اوچتو چاڙهه اچي سگهي ٿو، جنهن سان هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ ۽ رستن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.پي ڊي ايم اي ضلعي انتظاميا کي حساس هنڌن جي مسلسل نگراني، بروقت خبرداري جاري ڪرڻ ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. ان سان گڏ خطري وارن علائقن ۾ ماڻهن جي محفوظ منتقلي جي مشقن ۽ امدادي سامان جي فراهمي جا حڪم پڻ ڏنا ويا آهن.