ضلعي خيبر ۾ زبون حال ڪمري جي ڇت ڌماڪي سان پٽ پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 13 ڄڻا ملبي هيٺيان دٻجي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب ضلعي خيبر جي ڏوراهين علائقي آلاچه ۾ زبون حال ڪمري جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان پٽ پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 13 ڄڻا ملبي هيٺيان دٻجي ويا. ريسڪيو آپريشن دوران 5 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته 8 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو. زخمين کي طبي امداد جي لاءِ پشاور منتقل ڪيو ويو آهي.