جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي سنڌ اسيمبلي جي کٽيل سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جا نتيجا دير سان اچڻ تي جماعت اسلامي سميت ٻين پارٽين طرفان احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ مختلف شهرن ۾ ڌرڻا به هنيا پيا وڃن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرهمان چيو ته 8 فيبروري تي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي وقت تي پولنگ شروع نه ٿي هئي وقت گذري ويو، اسان پولنگ شروع نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪندا رهياسين، عوام کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو هن چيو ته ڪارروائي ڪندڙن پهريان ڪيمرا هٽايا ۽ پوءِ ڊٻا ڀرڻ شروع ڪيا. فارم 45 نه پيا ڏنا وڃن. وڏي انگ ۾ پولنگ ايجنٽس کي فارم ڏنا ئي نه ويا هئا. فارم 47 ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي. آر او جي آفيس کي چئني طرفن کان سيل ڪيو ويو ته جيئن ڪوبه پکي پر نه هڻي سگهي. اسان حقيقتن کي عوام جي آڏو آڻيندا رهنداسين جماعت اسلامي ڪراچي جي امير چيو ته اسان کي خيرات جي سيٽ نه گهرجي اليڪشن ڪميشن جي فارم 47 موجب مون کي 26 هزار ووٽ مليا پر فارم 45 موجب مون کي 30464 ووٽ مليا، تحريڪ انصاف کي وڌيڪ ووٽ مليا آهن اسان انهن جي مينڊيٽ کي قبول ڪريون ٿا. اسان تحريڪ انصاف جي کٽڻ کي به مڃيون ٿا ايم ڪيو ايم هڪ ڪائونسلر جي سيٽ به نه کٽي سگهي آهي هن چيو ته مان اعلان ڪريان ٿو ته پي ايس 129 تي آزاد اميدوار کٽيو آهي، مان پي ايس 129 جي سيٽ تان هٿ کڻان ٿو اسان کي هڪ ووٽ به اضافي نه گهرجي ۽ پنهنجو هڪ ووٽ به ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون. اسان قانوني ۽ سياسي جنگ وڙهنداسين. اوهان جعلي مينڊيٽ سان ماڻهن جا ذهن نٿا تبديل ڪري سگهو.