خيرپورناٿن شاھ ۾ گذريل ڏينهن ٽنڊوآدم ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان قتل ٿيل باغي افضل لنڊ جي جنازي نماز سي اين جي پمپ تي ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ شھر توڙي سنڌ جي مختلف هنڌن کان آيل سياسي سماجي ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي ۾ شريڪ باغي افضل لنڊ جي والد ميڊيا سان ڳالاهيندي چيو ته ڪجھ ڏينهنن کان افضل ٽنڊوآدم نجي بينڪ ۾ نوڪري ڪندو هيو جنھن کي لون جي بھاني گھرائي نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري منهنجي نوجوان پٽ کي بيگناه بيدردي سان قتل ڪيو آھي هن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني نه آھي منھنجي نوجوان پٽ جي خون سان انصان ڪيو وڃي، جنازي نمازي بعد افضل لنڊ کي اباڻي قبرستان يقين شاھ ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻئي طرف شھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي