شهناز شيخ پنهنجي ٽيم سان گڏ غريب علائقن جو دورو ڪيو ۽ سيءُ جي شڪار ماڻهن ۾ بسترا، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون تقسيم ڪيون. ان موقعي تي هن چيو ته سردي ۾ غريبن جي مدد ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي. متاثر خاندانن شهناز شيخ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هو هر ڏکئي وقت ۾ سندن مدد لاءِ پهچي ٿي. شهناز شيخ ماڻهن کي گڏجي انساني خدمت لاءِ اڳتي اچڻ جي اپيل پڻ ڪئي.