خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي جاگرافي شعبي جي انتظام ھيٺ سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن،

خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي جاگرافي شعبي جي انتظام ھيٺ سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن، نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۽ آفيس آف ريسرچ انوويشن ۽ ڪمرشلائيزيشن (اورڪ) جي گڏيل سھڪار سان موسمياتي تبديلي، پاڻي جي کوٽ ۽ موجوده حالتن جي تناظر ۾ زراعت جو مستقبل؛ پائيدار زرعي ترقي لاءِ رستو تجويز ڪرڻ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پھتي. پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو وائيس چانسلر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پڄاڻي واري سيشن جي صدارت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو تہ مون کي اميد آهي ته هن ڪانفرنس جا دور رس نتيجا نڪرندا. اسان پنهنجي ماحول جي بهتري لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين ڇو تہ موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسئلا زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ سياحت ۾ گهٽتائي ۽ عذائي تحفظ شامل آهن، هن چيو تہ هن ڪانفرنس جون سفارشون عمل درآمد لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن ڏانھن موڪليون وينديوين. ڊاڪٽر ابوپوٽو پاڪستان جي ڏورانهن علائقن مان آيل محققن جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو. ڪيرابوڪ يونيورسٽي ترڪي جي پروفيسر ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو تہ ھي ڪانفرنس شاندار ۽ نتيجا خيز رھي آھي. مستقبل ۾ بہ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان تحقيقي تعاون جاري رھندو. ڪراچي يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر شيبا افسر ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو کي ساراھيو. قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي پروفيسر ڊاڪٽر شجاع چيو تہ هي ڪانفرنس گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. بهتري جي گنجائش آهي. هن چيو تہ اسان کي ماحولياتي تبديلي جي سنگين مسئلن کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ گهرجن. ڪانفرنس جي سيڪريٽري ۽ جاگرافي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نور حسين چانڊيو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن خصوصي طور تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو، سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعاون ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. ڪانفرنس ۾ چين جي ڊاڪٽر وسيم ۽ مصر جي ڊاڪٽر فاگر آن لائين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين جي 60 کان وڌيڪ محققن پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنس جي موقعي تي اهم تجويزون پيش ڪيون ويون. موسمياتي تبديلي ۽ پائيدار زراعت جو مضمون انٽرميڊيٽ کان يونيورسٽي سطح تائين متعارف ڪرايو وڃي. سمورن صوبن ۾ صوبائي سطح تي موسمياتي تبديلي لاءِ سينٽر آف ايڪسيلنس قائم ڪيو وڃي. موسمياتي تبديليءَ جو مضمون سڀني يونيورسٽين ۾ بي ايس ليول تي متعارف ڪرايو وڃي. حڪومت کي گهرجي تہ يونيورسٽين ۾ موسمياتي تبديلي جي ليب ۽ جي آئي ايس ريموٽ سينسنگ موسمياتي تبديلي ليبز قائم ڪري. شمسي، ھوائي، لھري، سامونڊي ۽ جيوتھرمل توانائي جي ذريعن کي همٿايو وڃي. بين الاقوامي ماهر ادارن کي گهرجي ته اهي آب هوا جي وسيلن ۽ زراعت تي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن کي گھٽ ڪن. ان کان علاوہ ترقي پذير ملڪن جي موسمياتي تبديلين سان مطابقت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. ڊائريڪٽر پوسٽ گريجوئيٽ اسٽڊيز پروفيسر ڊاڪٽر نويد احمد شيخ اختتامي سيشن جي صدارت ڪئي. سيشن ۾ فيڪلٽين جي ڊين، پروفيسرن، اسڪالرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.