خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ يونيورسٽي جي ميڊيا سوسائٽي ۽ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو

ان سلسلي ۾ مظلوم نياڻين سان ساٿ جو وچن جي موضوع تي ھڪ تقريري مقابلو منعقد ڪيو ويو جنھن جي صدارت ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڪئي جڏھن تہ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سکر جي بيورو چيف سکر شوڪت نوناري ۽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر خيرپور خان محمد سولنگي اعزازي مھمان ھئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري چيو تہ هڪ متوازن سماج ٺاهڻ لاءِ صنفي برابري تمام ضروري آهي. مرد ۽ عورت ٻئي برابر آهن. عورتن کي معاشي ميدان ۾ همٿايو وڃي تہ جيئن کين معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهجي. سماجي طور تي کين تعليم جو حق ڏنو وڃي. ڳوٺاڻن ۽ قبائلي علائقن ۾ عورتن کي تعليم ۽ ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. حڪومت عورتن جي تحفظ لاءِ جيڪي قانون ٺاهيا آهن تن تي عمل ڪرڻ تمام ضروري آهي. ڊاڪٽر لاشاري ڪيمپس ۾ نصابي ۽ ھم نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. شوڪت نوناري چيو تہ عورتن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي مدد سان تعليم ڏني وڃي. اسان کي سماج ۾ موجود سماجي براين کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو تہ عورتن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ۽ گهريلو تشدد ڪيو پيو وڃي. هن ان ضرورت تي زور ڏنو تہ تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين کي هڪ قابل عمل پليٽ فارم فراهم ڪيو وڃي تہ جيئن اهي بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي صلاحيتن ۽ علم جو مظاهرو ڪري سگهن. خان محمد سولنگي ھي تقريب منعقد ڪرڻ ۾ تعاون ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جو شڪريو ادا ڪيو. مقابلي ۾ محمد بخش مھر پھرين، شھزاد زيب ٻين ۽ مھتاب علي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ڊاڪٽر علي رضا لاشاري انچارج اسٽوڊنٽ سوسائٽيز سينٽر پڻ خيالن جو اظھار ڪندي عورتن جي حالت زار تي روشني وڌي. آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي منگي چيئرمين فزڪس شعبو، علي جعفري، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.