خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڀٽائي سوشل واچ ۽ ايڊووڪيسي (بسوا) خيرپور ۽ يونيورسٽي پاران لوڪل گورنمينٽ ۾

خيرپور : شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڀٽائي سوشل واچ ۽ ايڊووڪيسي (بسوا) خيرپور ۽ يونيورسٽي پاران لوڪل گورنمينٽ ۾ نوجوانن جي فعال شموليت جي موضوع تي ھڪ ڏينھن جو سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل خيرپور جو وائيس چيئرمين سيد فهد علي شاهه جيلاني خاص مهمان هو. پينلسٽ ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جو چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو، عبدالله دايو پروگرام ايڊوائيزر ايف اي ايس پاڪستان، سرائي نثار احمد خاصخيلي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي فقير آباد ، سيد جمن شاهه چيئرمين ٽائون ڪميٽي پريالوءِ ايڊوڪيٽ غزالا ڪاشف وائيس چيئرپرسن يونين ڪاميٽي جيئي شاہ سکر شامل هئا. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان سماج جي وڏي قوت آهن. مڪاني حڪومتن جي نظام ۾ نوجوانن جي شموليت وقت جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته مڪاني حڪومتن جو نظام پارليامينٽ جي بنيادي نرسري آهي جنهن سان جمهوري عمل ۽ پارليامينٽ مضبوط ٿيندي. هن نوجوانن کي صلاح ڏني ته اهي مڪاني ڪائونسلرن سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجن علائقن ۾ مثبت ۽ صحتمند سرگرمين ۾ حصو وٺن ته جيئن عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ خدمت جي تصور کي فروغ ڏئي سگهجي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ پنهنجي خاندان جي بهتري، ڪردار سازي ۽ شخصيت سازي تي ڌيان ڏين. سيد فھد علي شاھ جيلاني چيو تہ وقت جي ضرورت آهي ته نوجوانن کي صحيح سمت ڏيکاري وڃي ته جيئن هو پنهنجي ذهن ۾ علمي جستجو، مقابلي، رواداري ۽ سماج لاءِ عوامي شموليت جو تصور بيدار ڪري سگهن. هن شاگردن کي نصيحت ڪئي ته هو تعميري سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺن ڇو ته شاگرد قوم جو مستقبل آهن ان ڪري کين سماج ۾ حصو وٺندڙ انداز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خيرپور ضلعي جي عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي ۽ هر ممڪن شهري سهولتون فراهم ڪرڻ پڻ اسانجي اولين ذميواري آھي. هن وائيس چانسلر پاران شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. مذاڪري دوران نوجوانن جي شموليت لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. پينلسٽن نوجوانن جي معاشي، سياسي ۽ سماجي شموليت تي زور ڏنو. هنن اها به صلاح ڏني ته نوجوان چونڊ عمل جي رجسٽريشن ۾ ڀرپور حصو وٺن. مڪاني ادارن واري نظام ۾ نوجوانن جي نمائندگي 5 سيڪڙو مان وڌائي 30 سيڪڙو ڪئي وڃي. انهن کي شهري تعليم ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. مڪاني نظام لاءِ يونيورسٽي سطح جو نصاب تيار ڪيو وڃي، جيڪو هن وقت چند شعبن تائين محدود آهي، حڪومت پاران تيار ڪيل نوجوانن جي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي. صوبائي حڪومتن کان اختيار مڪاني حڪومتن کي منتقل ڪيا وڃن. سياسي پارٽيون نوجوانن کي مڪاني ۽ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڀرپور موقعا فراهم ڪن. عورتن ۽ خواجا سرائن کي چونڊ عمل ۾ جاءِ ڏني وڃي. نوجوانن کي سول ڊفينس، اين ڊي ايم اي، ۽ پي ڊي ايم اي ۾ شراڪت ڏني وڃي ته جيئن سندن اعتماد ۾ اضافو ٿئي ۽ خدمت جو جذبو پيدا ٿئي. مڪاني حڪومتن جي مد ۾ بجيٽ جي ورهاست لاءِ ضلعي فنانس ڪميشن جوڙي وڃي تہ وقت سر ڪائونسلز کي فنڊ جاري ٿي سگهن . ڪائونسلرن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سنڌ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊمي جي طرز تي رورل ڊولپمينٽ اڪيڊمي ۽ لوڪل گورنمينٽ اڪيڊمي هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ قائم ڪئي وڃي تہ جيين لوڪل گورنمنٽ سرشتي جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري ۽ وڌائي سگهجي. سيمينار ۽ مذاڪري جي آخر ۾ ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ موضوع تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. بسوا جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خادم حسين ميراڻي سيمينار جا مقصد پيش ڪيا. سيمينار ۾ استادن، شاگردن، سول سوسائٽي جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر علي رضا لاشاري انچارج اسٽوڊنٽ سوسائٽيز سينٽر اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا.