خيرپور :شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪشمير سوسائٽي پاران مظلوم ڪشميري ڀائرن سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ڪارو ڏينھن ملھايو ويو. ان ڏينھن جي مناسبت سان ھڪ سيمينار ڪوٺايو ويو جنھن جي صدارت ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري چيو تہ ڪشمير پاڪستان جو اڻ ٽٽ حصو آهي. 27 آڪٽوبر 1948ع کان ڀارتي فوج ڄمون ۽ ڪشمير تي قابض آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم، بربريت ۽ قتل عام ڪري رهي آهي ۽ 6 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 تحت ڄمون ۽ ڪشمير کي ڏنل خاص حيثيت ختم ڪئي آھي. هن چيو تہ هندستان جو نام نهاد سيڪيولر ۽ جمهوري چهرو اصل ۾ تسلط پسند ۽ جارحاڻو آهي. پاڪستاني حڪومت ڪشمير جي مسئلي کي عالمي برادري سميت گڏيل قومن جي پليٽ فارم ۽ سفارتي فورمن تي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو آهي. هن چيو تہ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي ٺهراءُ موجب ئي حل ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري هن سيمينار جي انعقاد تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي سرپرستي کي ساراهيو. پروفيسر ڊاڪٽر مينھون خان لغاري رجسٽرار چيو تہ پاڪستان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ هر فورم تي جدوجهد ڪئي آھي پر عالمي سياسي نظام جي ڪري گڏيل قومن ان جي حل لاءِ عملي ڪوششون نہ ڪيون آھن. هاڻي اهو مسلم دنيا جو فرض آهي تہ هو ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت ڪن. ڊاڪٽر سراج احمد سومرو چيئرمين پاڪستان اسٽڊيز شعبو چيو تہ والاريل ڪشمير ۾ 14 لک ڀارتي فوجي قابض آهن. ڪشميري عوام خلاف محاصرو ۽ قتل عام جاري آهي. هن ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڊاڪٽر رمضان ڪولاچي اسسٽنٽ پروفيسر انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل ريليشنز چيو تہ ڪشمير ۾ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. اهو مسئلو ڪشميري عوام جي امنگن مطابق حق خوداراديت جي ذريعي حل ٿي سگهي ٿو. ڪشميري عوام جي حالت افسوسناڪ آهي. سيمينار جي ڪاروائي ڊاڪٽر علي رضا لاشاري انچارج اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سينٽر ھلائي. آخر ۾ ڪشمير مسئلي جي تاريخي پس منظر ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڊاڪيومينٽري فلم پڻ ڏيکاري وئي. سيمينار ۾ استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.