خيرپور: لعل شهباز قلندر جي ميلي ۾ ويندڙ پانڌيئڙن جي بس حادثي جو شڪار، 16 ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي

 خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي لاهور کان حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس ۾ شرڪت  لاءِ ويندڙ پانڌيئڙن جي ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 16 ڄڻا فوت جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب خيرپور جي تعلقي راڻيپور ۾ قومي شاهراهه تي حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس ۾ شرڪت جي لاءِ ويندڙ پانڌيئڙن جي ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي. حادثي ۾ 16 پانڌيئڙا فوت جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، فوت ٿي ويلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، حادثي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ۽ پوليس اختياريون موقعي تي پهتيون، جن لاشن ۽ زخمين کي گمبٽ ۽ راڻيپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. مسافر بس لاهور کان هارون آباد سيوهڻ وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو، مقامي ماڻهن جو وڏو انگ به حادثي واري هنڌ پهچي ويو جن انتظاميه جي مدد جي ڪوشش ڪئي. حادثي ۾ زخمي ٿيل ويلن ۾ غلام فريد، محمد ياسين، نور محمد، سلمان، فياض ڀٽي، ظهور احمد، مختيار، شير محمد، الله بخش، بشير، محمد عباس فاروق، رفيق، ناصر، مجيد، بشيران، شهزاد، لطيف مظهر، ديانت شريف، سليمان، يوسف، زرينه سميت عورتون ۽ ٻارا به شامل آهن. ڪيترن ئي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.