پريالوءِ: خيرپور لڳ ٽمونھن جي رھواسين نثار احمد اڄڻ جي اڳواڻي ۾ بااثر وياجي غلام شبير ناڙيوال خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ھنن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو تہ ڪجھ سال پھريان مان وڏيرو رانجھن ناڙيوال کان زمين خريد ڪئي ھئي جنهن تي بااثر وياجي غلام شبير ناڙيوال منهنجي زمين تي قبضو ڪري ويھي رھيو آهي ۽ مون مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري ۽ حراسان ڪري رهيو آهي ڪنڌرا پوليس داراواھڻ پوليس انچارج رضا محمد ناڙيوال بہ جوابدار جي وانگار وھي رھيو آهي ڪيترائي ڀيرا مون مٿان حملا ڪيا ويا آهن جنهن جو ڪنڌرا پوليس کي اطلاع ڏنو ھو پر افسوس پوليس وياجي غلام شبير ناڙيوال جي وانگار وھندي ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهين ڪيو الٽو مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مونکي روز تنگ ڪري رھي آهي اسان پڙھيل لکيل سٺي خاندان سان تعلق رکندڙ آهيون ھوڏانھن ڪجھ عرصو پھريان غلاشبير ناڙيوال کي کائڻ جي لاء اٽو ڪونہ ھيو هن الزام هڻندي چيو تہ ھن وقت جوا آڪڙا پرچي ڀنگ چرس شراب جي ڪڌي ڪاروبار جي ڪري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي چڪو آهي جوا آڪڙا پرچي جي ڪري علائقي ۾ چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن ڪنڌرا داراواھڻ پوليس انچارج رضا محمد ناڙيوال ھن سان ٻٽ بڻيل آهي لکين رپيا منٿلي وٺي علائقي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي علائقي جو عوام تمام پوئتي پئجي ويو آهي نثار اڄڻ وڌيڪ چيو ته اسان ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون تہ آء غريب مسڪين جي کاتي جي زمين آهي جيڪا وياجي غلام شبير ناڙيوال جي قبضي ھيٺ آهي مونکي واپس ڏني وڃي ۽ داراواھڻ مان جوا آڪڙا پرچي ڀنگ چرس شراب جو ڪڌو ڪاروبار بند ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وسيع ڪيو ويندو