خيرپور ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب چئن ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب خيرپور جي علائقي پير جو ڳوٺ جي ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب هڪ ئي خاندان جي چئن ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. واقعي کان پوءِ پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ کير جي نمونن سميت ٻيون شاهديون جمع ڪري ورتيو، پوليس زهريلي کير جي فراهمي بابت جاچ شروع ڪر يڇڏي آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار واقعي بابت ايس ايس پي خيرپور کان تفصيل ڪري ورتا آهن، سنڌ جي گهرو وزير چيو ته انهي افسوسناڪ واقعي جو تڪڙو نوٽيس وٺي جاچ جي قدمن کي بهتر کان بهتر بنايو ويندو، واقعي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪيو ويندو.