خيرپور ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر جو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن تفصيل موجب ڪرم آباد اسٽاپ وٽ ڪوچ پهريان کان بيٺل ٽرڪ کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن حادثي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون جن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. زخمين مان پنج ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي فوت ٿي ويلن ۾ 2 ٻار محمد عمر، محمد فيضان سميت 2 عورتون راڻي ۽ هڪ عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي شامل آهن زخمين ۾ غلام سڪينه، تنوير بيبي، شهناز، شازيه، نعيم، وسيم، عادل ڀٽي، يوسف مهرين ۽ ٻيا شامل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته مسافر ڪوچ ڪراچي کان سکر وڃي رهي هئي ته خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي.