پريالوء سني رابطا ڪميٽي صوبه سنڌ جو اهم اجلاس خيرپور م سنڌ جي صدر غازي سيد محمد پريل شاهه بخاري جي صدارت هيٺ ٿي گذريو اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي جنھن کان پوءِ اجلاس م مختلف فيصلا ڪيا ويا آهن جنهن م خليفه بلا فصل سهرو پيغمبر صه امير المومنين سيدنا ابوبڪر صديق رضه جي يوم وفات 22 جمادي الثاني تي سنڌ جي سمورن ضلعن م مدح صحابه ڪرام رضه يوم صديق اڪبر رضه جي حوالي سان جلوس ڪڍيا ويندا ۽ جلسه، سيمينار منعقد ڪيا ويندا ۽ يوم وفات سيدنا صديق اڪبر رضه جو ڏهاڙي کي سرڪاري سطح تي ملاهڻ لاءِ مطالباتي مظاهرا ڪيا ويندا جڏهن ته 20 جمادي الثاني کان 30 جمادي الثاني تائين عشره مدح صحابه ڪرام رضه و صديق اڪبر رضه جي طور تي ملهايو ويندو جڏهن ته 29 ڊسمبر تي آل سنڌ مدح صحابه ڪرام رضه و اهلبيت عظام رضه ۽ پيغام امام اهل سنت رحه ڪانفرنس خيرپور م رکي وئي آهي جنھن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي وئي آهي ۽ انهيءَ سلسلي م سني رابطا ڪميٽي جا اڳواڻن طرفان ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ صوبه سنڌ جي سمورن ضلعن جو دورو ڪيو ويندو ۽ عوام الناس کي امام اهل سنت ڪانفرنس م شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي جڏهن ته 29 ڊسمبر تي امام اهل سنت ڪانفرنس م پوري سنڌ مان قافلا صبح جو 9 کان اڳ ئي صديق اڪبر رضه مسجد خيرپور م پهچڻ شروع ٿي ويندا جڏهن ته جگر گوشه علامه جهنگوي شهيد رحه علامه مفتي مسرور نواز جهنگوي چيئرمين سني رابطه ڪميٽي پاڪستان ۽ سابق ايم پي اي پنجاب، 17 جنوري کان 21 جنوري تائين صوبه سنڌ جو دورو ڪندو جنهن کي ڪامياب ڪري تاريخي دورو بڻايو ويندو جنهن جي ڪاميابي لاءِ صوبائي مجلس عامله ڊويزن نگران، ۽ ضلعي مجلسين عاملين گڏيل ڪوششن سان ڪامياب بڻايو ويندو جڏهن ته هڪ مذهبي جماعت جو ترجمان سيد سڪندر شاهه جي طرفان سوشل ميڊيا تي سني رابطه ڪميٽي جي قيادت خلاف توهين آميز ميسيجز هلائڻ جي سخت لفظن م مذمت ڪئي وئي ان حوالي سان سني رابطه ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته اسان جو ڪنهن به سياسي سماجي مذهبي جماعتن جي خلاف غلط ميسيجز هلائڻ جو ارادو ڪونهي پر جيڪڏهن ڪنھن به گروهه طرفان رسول الله صلي الله عليه وسلم، صحابه ڪرام رضه ۽ اهلبيت عظام رضه يا سني رابطه ڪميٽي جي خلاف توهين آميز شيون هلايون ويون ته ان جو ڀرپور نموني سان جواب ڏنو ويندو هنن چيو ته هڪ مذهبي جماعت جي ترجمان سڪندر شاھ ۽ ان جماعت جي سربراهه طرفان سوشل ميڊيا تي سني رابطه ڪميٽي جي خلاف توهين آميز ميسيجز بند نه ڪيون ته ان جو جواب ڀرپور نموني سان ڏنو ويندو جنهن جي ذميواري ڄاڻايل ڌرين مٿان هوندي جڏهن ته اجلاس جي آخر م ملڪ جي سلامتي ترقي ۽ امت مسلمه جي ڀلائي لاءِ دعا گهري وئي