ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ جي حڪم تي ڊي ايس پي پير ڳوٺ نذير احمد سومرو ۽ ڊي ايس پي غلام حسين ڇتو جي اڳواڻي ۾ اڄ ڪڇ جي علائقي پريالوءَ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سرچنگ/ڪومبنگ آپريشن ڪيو ويو ببرلو، عبدالرحمان انڙ، بڙدي جتوئي، پيرگوٺ. سڄي ضلعي ۾ امن امان جي فضا برقرار رکڻ لاءِ پوليس کي سخت حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۽ ڏوهن ۽ سماجي براين خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي خيرپور ضلعي جي اولين ترجيح آهي ڏوهن جو خاتمو امن امان بحال ڪرڻ. تلاشي جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڏوهن، سماجي براين کي روڪڻ آهي