دادو شهر مان 2 سال اڳ گم ٿيل نينگري انجلي والدين کي واپس ملي وئي، هٿ آيل نينگري جي والدين موجب نينگري جي عمر هن وقت 13 سال آهي جڏهن گم ٿي هئي ته سندس عمر 11 سال هئي. اسان هن کي تمام گهڻو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو اسان کي هٿ نه اچي سگهي. ان حوالي سان دارالامان حيدرآباد جي انچارج خالده سومرو ٻڌايو ته انجلي کي 20 ڏينهن اڳ دادو پوليس انتهائي غير حالت ۾ دارالامان منتقل ڪيو هو جتي سندس علاج ڪيو ويو، هاڻ سندس طبيعت ڪافي بهتر آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مذڪوره نينگري 2 سال اڳ نوجوان جي دلاسن ۽ ڪوڙن ڏٽن ۾ اچي گهر مان نڪتي هئي، جنهن کان پوءِ ڪوڙا آسرا ۽ دلاسا ڏيندڙ نوجوان پنهنجي دوستن سان گڏجي نينگري انجلي کي سخت تشدد جو نشانو بنايو. دارالامان جي انچارج موجب انجلي جي حالت هاڻ اڳ کان ڪافي بهتر آهي، هو مڪمل طور تي صحتياب ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا جي ذريعي نينگري جا والدين دارالامان پهتا ۽ نينگري جي سڃاڻپ ڪئي، جڏهن ته نينگري به پنهنجي والدين جي سڃاڻپ ڪئي، نينگري گهر وارن سان ملڻ وقت لڙڪ لاڙي ويٺي.