دعا آهي فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي: رئوف صديقي

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي چيو آهي ته فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي رئوف صديقي چيو ته اسان 8 اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي جيڪو پارٽي فيصلو ڪندي سڀني کي قبول هوندو ۽ فيصل واوڊا جي حوالي سان پارٽي فيصلو ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته اسان ماضي ۾ فيصل واوڊا کي چيو هو ته شموليت اختيار ڪريو، جيڪي وڏين پارٽين جا ماڻهو غريبن جون ڳالهيون ڪندا آهن اهي اسان وٽ اچن دعا آهي ته فيصل واوڊا ايم ڪيو ايم جو حصو بڻجي ٻئي پاسي اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته اڃان آزاد سيزن هلي رهي آهي جڏهن پارٽي سيزن هلندو ته پارٽي ڏسي وٺنداسين ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فيصل واوڊا چيو ته 14 سال هڪ پارٽي جو حصو رهيس. ان وقت اها پارٽي ۽ ان جو چيئرمين ٻئي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. هن چيو ته في الحال آزاد اميدوار آهيان پارٽي جو فيصلو ناهي ڪيو. هن وقت آزاد ميمبرن جو وقت هلي رهيو آهي جڏهن پارٽي جو سيزن هلندو ته پارٽي ڏسي وٺنداسين.