دنيا ۾ امن لاءِ ڪردار جاري رکنداسين، ڪنهن عالمي تڪرار جو حصو نه بڻجنداسين: آرمي چيف

تفصيل موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير اسلام آباد ۾ مارگلا ڊائلاگ 2024 جي تقريب کي خطاب ڪيو، ان موقعي تي اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران منعقد ڪيل مارگلا ڊائلاگ 2024ع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي هم آهنگي ۽ عالمي امن لاءِ اهم ڪاميابين تي روشني وڌي هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ دنيا ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، غلط ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جو تيزيءَ سان پکڙجڻ به هڪ اهم چئلينج آهي، دنيا جي ڪيترن ئي تبديلين کي نظر ۾ رکندي غير رياستي عنصرن جو وڌندڙ اثر رسوخ پڻ موجود آهي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته جتي معلومات جي پکيڙ ۾ ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار آهي، اتي غلط معلومات جو ڦهلاءُ وڏو چئلينج آهي، نفرت انگيز بيان سياسي ڍانچي کي غير مستحڪم ڪندا رهندا آرمي چيف چيو ته قاعدن ۽ ضابطن کانسواءِ اظهار جي آزادي اخلاقي قدرن جي زوال جو سبب بڻجي رهي آهي، عالمي سطح تي عدم مساوات، عدم برداشت ۽ مذهب، فرقي ۽ نسل جي بنياد تي ورهاڱي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي گڏيل مقصدن ۾ صحت هڪ اهم چئلينج آهي، پاڪستان دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي پر دهشتگردي عالمي سطح تي سموري انسانيت لاءِ گڏيل چئلينج آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جو عزم اٽل آهي. دهشتگردي جي حوالي سان هن چيو ته مغربي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جامع بارڊر مئنيجمينٽ جو نظام قائم ڪيو ويو، فتنا خوارج دنيا جي سمورن دهشتگرد تنظيمن ۽ پراڪسز جي پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي، پاڪستان افغان حڪومت کان توقع رکي ٿو ته ان جي اجازت نه ڏني ويندي پاڪستان جي سرزمين دهشتگردي خلاف استعمال ٿيندي ۽ افغان عبوري حڪومت دهشتگردي خلاف سخت قدم کڻندي، ريزوليو اسٽيبلائيزيشن آپريشن جي حوالي سان پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته ريزوليو اسٽيبلائيزيشن نيشنل ايڪشن پلان جو اهم جز آهي، ريزوليوٽ اسٽيبلائيزيشن جو مقصد آهي. ڀارت ۾ انتهاپسندي جي خاتمي جي حوالي سان هن چيو ته ڀارت جي انتهاپسندي واري نظريي سبب پرڏيهه ۾ رهندڙ اقليتون محفوظ نه آهن، ڀارتي نظريي سبب آمريڪا، برطانيا ۽ ڪينيڊا ۾ اقليتون محفوظ نه آهن، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ بربريت سبب آمريڪا، برطانيه ۽ ڪئناڊا ۾ اقليتون محفوظ نه آهن. ڪشمير ۾ به هندويت جي نظريي ۽ پاليسي جو تسلسل آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ناگزير آهي، غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي آرمي چيف چيو پاڪستان غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي، پاڪستان هميشه آزاد فلسطيني رياست جي قيام تي زور ڏنو آهي، گڏيل قومن جي امن مشن ۾ 2 لک 35 هزار پاڪستانين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. گڏيل قومن جي امن مشن ۾ 181 پاڪستانين پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته پاڪستان 24 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي، جنهن ۾ 63 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ آهي. پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پاڪستان زرعي پيداوار جي لحاظ کان دنيا جو هڪ وڏو ملڪ بڻجي اڀريو آهي ۽ ناياب معدنيات جا وڏا ذخيرا موجود آهن، پاڪستان پنهنجي سمورن ذخيرن، منفرد جاگرافيائي مقام، سامونڊي بندرگاهن جي ڪري هڪ اهم ملڪ آهي يورپ، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ واپار جي حوالي سان تمام اهم آهي، پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار هميشه ادا ڪندو رهندو.