دهشتگردن جي حملن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران مقابلو ڪنداسين: نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واضح پيغام ڏنو آهي ته دهشتگردن جي حملن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران مقابلو ڪنداسين نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بٽگرام ۾ چيئرلفٽ ۾ ڦاٿل سمورن ٻارن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو هن چيو ته هن امدادي ڪارروائي ۾ ٻارن جي بچڻ تي خوشي ملهائينداسين. هن چيو ته فوجي جوان صرف دفاع ۾ نه پر قدرتي آفتن ۾ به اسان جي مدد ڪندا آهن جنهن سان اسان جو ڀروسو وڌيو. بٽگرام چيئرلفٽ ۾ معصوم ٻار ڦاٿل هئا. ان وقت ته اسان بحث ۾ نٿي پئجي سگهياسين ته اهو ڪنهن جو اختيار آهي ڪنهن کي انهن کي بچائڻ گهرجي. اصل چيلينج انهن ٻارن کي بچائڻ هو. هاڻ اها ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته اهو ڪنهن جو فرض هو ۽ ڪنهن کان ڪوتاهي ٿي، بدقسمتي سان سوشل ميڊيا تي انهي واقعي جي اصل شيءَ تي ڌيان ڏيڻ جي بجاءِ بحث جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙي موقعي تي اهڙي بحث کان پاسو ڪرڻ گهرجي نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن وزيرستان ۾ اسان جا 10 جوان شهيد ٿيا، جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان جنگ وڙهي ٿڪجي پيا آهيون اهي پنهنجي غلط فهمي ختم ڪن پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي سامهون سرنڊر نه ڪندو. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي ختم ڪنداسين، اسان هر قيمت تي وڙهنداسين، سرنڊر جو ڪوبه آپشن نه آهي. اسان دهشتگردن جو پيڇو ڪندا رهنداسين بنگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجو ٽيڪس جمع ڪري پنهنجي فوج تي خرچ ڪندا آهيون ۽ پنهنجو نظام هلائي رهيا آهيون اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪنهن جي خيرات تي نه وڙهي رهيا آهيون اهي اسان جي کيسي مان نڪتل پئسا آهن جيڪي سيڪيورٽي فورسز تي خرچ ٿيندا آهن جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا اسان جوانن جي خدمت بدلي انهن کي پگهار ڏئي رهيا آهيون اهي پنهنجي غلط فهمي کي ختم ڪري ڇڏين. فوجي جوانن کي خدمت جي بدلي اسان کين پگهارون نه احترام ڏيندا آهيون. عزت ۽ احترام انهن جي پگهار آهي. اها گهٽ يا وڌيڪ به ٿي سگهي ٿي.