دهشتگردي جي انت واري عدالت شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي

راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي راولپنڊي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت اڳوڻي گهرو وزير شيخ جي خلاف 9 مئي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪندي شيخ رشيد کي 2 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن شيخ رشيد ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه آهي ته انهي کي آزاد ڪيو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران شيخ رشيد جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا پر پراسيڪيوشن طرفان ڪوبه پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو شيخ رشيد جي وڪيلن طرفان ضمانت جي درخواست ڏني وئي جنهن کي عدالت 2 لک روپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.