ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. اسلام آباد ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن جي تقريب کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته پاڪستان اچي دلي خوشي ٿي، پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال اسان جا هيرو آهن. رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اسان جي وچ ۾ 24 معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي اتفاق ٿيو آهي. صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ واپاري معاملن تي ڳالهيون ٿيون، پنهنجن سرمائيڪارن کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي ترغيب ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پنج ارب ڊالر جي واپاري معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. جڏهن ته دفاع ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ٿيون. ترڪ صدر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه ۾ آيل زلزلي کان پوءِ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، ترڪيه جي مشهور فائونڊيشن جي اسڪولن جو پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ اهم ڪردار هوندو. ترڪيه جي صدر چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. قبرص جي معاملي تي پاڪستاني حمايت اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، دنيا جي هر فورم تي پاڪستان سان گڏ فلسطين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي. فلسطيني ڀيڻ ڀائرن جي مدد اسان جو فرض آهي، آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين.