لاهور: جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ عمران خان جي 13 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. اي ٽي ٽي عدالت 3 مختلف ڪيسن ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي کيس 11 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.عمران خان ايڊمن جج عبهر گل جي عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن کان پوءِ عدالت سندس عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ اڄ عمران خان جي وڪيلن طرفان زمان پارڪ ۾ باهيون، گهيراءُ پوليس تي تشدد ۽ ظل شاهه قتل ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان لاهور ۾ آهي. سيڪيورٽي خطرن سبب پيش نٿو ٿي سگهي. عدالت هڪ ڏينهن جي حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪري.عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي کيس 11 وڳي تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو. جج چيو ته پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ قانون موجب فيصلو ٿيندو، جيڪو عدالت ۾ پيش ٿيندو ان کي رليف ملندو. عمران خان جا ضمانتي مچلڪا به جمع ناهن ٿيا.