دوداپور: کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان هٿياربندن جي ڪار مٿان فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

 دوداپور ڀرسان ميرانپور واري علائقي ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هٿياربندن جي ڪار مٿان فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معمولي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. ميرانپور واري علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن ڪار تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي  مارجي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ، معشوق کوسو، رحيم بخش کوسو ۽ ظھور کوسو طور ڪئي وئي آهي، واقعي کان پوءِ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي، اهڙي اطلاع ملڻ تي ميرانپور پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي.