دودا ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڳڀرو نوجوان مارجي ويا

دوداپور ويجهو اوستہ محمد ٿاڻي جي حد بيگاري واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب 2 ڳڀرو نوجوان مارجي ويا رپورٽ موجب اوستہ محمد کان پنهنجي ڳوٺ طرف ايندڙ ٻن نوجوانن پرويز بخشلاڻي ۽ مير احمد بخشلاڻي مٿان تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن جديد هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ عرض محمد بخشلاڻي واسي پرويز بخشلاڻي ۽ مير احمد بخشلاڻي ٿڏي تي ئي مارجي ويا هٿياربند ٻن نوجوانن کي قتل ڪرڻ بعد سندن مقتولن کان 8 لک روپيه روڪ، موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي ويا پوليس واقعي واري هنڌ پُھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اوستہ محمد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا پوسٽ مارٽم بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته مارجي ويل نوجوانن جا لاش گهر پُھچڻ تي گهر ۾ ڪُهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.