گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ مسافر بس کاهيءَ ۾ ڪري پوڻ سبب 20 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا. راولپنڊي کان هنزه ويندڙ بس يشڪول داس جي علائقي ۾ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهيءَ ۾ ڪري پئي، 20 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 22 زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن پاران ريسڪيو آپريشن شروع ڪندي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران روڊ حادثي ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.